ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايئرپورٽ ننڍي گيٽ ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ٽرين جي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب واقعي جو اطلاع ملڻ بعد امدادي ڪارروايون ڪيون ويون ۽ فوتيءَ جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ تفصيل پڻ سامهون نه اچي سگهيا آهن.










