اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان سجاد حيدر خان چيو آهي ته مڪي دفاعي معاهدي ۾ ڪو به ڳجهو نقطو شامل ناهي.هڪ بيان ۾ سجاد حيدر خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب مڪي معاهدي جي توثيق جا مرحلا مڪمل ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ترڪ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جي پڻ توثيق ڪريون ٿا.هن چيو ته معاهدي ۾ ڪو به ڳجهو نقطو ناهي ۽ مڪي دفاعي معاهدي جو جيڪو مسودو سامهون آيو آهي، پاڪستان ان کي تسليم ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته هر ملڪ وٽ دفاعي معاهدي جي توثيق جو پنهنجو پنهنجو طريقو هوندو آهي.پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جون شقون ڪنهن ٽئين ملڪ خلاف نه، پر گڏيل دفاع لاءِ آهن.ڀارت بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته فالس فليگ آپريشن ڀارت جي روايت رهي آهي ۽ ڪنهن به اهڙي آپريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.










