وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي، سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق

وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي، سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق

استنبول(ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي امن لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته چئني ملڪن فلسطين ۾ ٻن رياستن واري حل تي جلد عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي.استنبول ۾ آر 4 ملڪن، پاڪستان، ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي.گڏيل پڌرنامي موجب اجلاس ۾ چئني ملڪن جي پرڏيهي وزيرن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وچ اوڀر سميت خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو.پڌرنامي ۾ چيو ويو ته حوثي مليشيا جون ڪارروايون يمن ۾ انساني بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيون آهن. سعودي عرب تي حوثي مليشيا جي حملن، خاص طور شهرين ۽ شهري تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي وئي.گڏيل پڌرنامي ۾ ڳاڙهي سمنڊ ۽ باب المندب ۾ واپاري جهازن تي حوثي حملن جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته حوثي مليشيا فوري طور فوجي ڪارروايون ۽ حملا بند ڪري.پڌرنامي ۾ يمن جي حڪومت ۽ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو ويو.چئني ملڪن چيو ته آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جو حل رڳو ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ ذريعي ممڪن آهي. تڪرار دوران شهرين، شهري تنصيبات ۽ جهازن کي نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پڌرنامي ۾ پاڪستان ۾ طئي ٿيل مفاهمت جي يادداشت جي حمايت پڻ ڪئي وئي.گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته آبنائي هرمز ۾ محفوظ بحري آمدرفت ۽ جهاز رانيءَ جي آزادي انتهائي ضروري آهي. آبنائي هرمز مان محفوظ ۽ بنا رنڊڪ بحري آمدرفت فوري ۽ مڪمل طور بحال ڪئي وڃي.پڌرنامي موجب سامونڊي رستن ۾ رنڊڪون عالمي سپلاءِ چين، توانائي، ڀاڻ ۽ خوراڪ جي فراهميءَ کي متاثر ڪن ٿيون، تنهن ڪري قانوني بحري آمدرفت ۾ رنڊڪ وجهندڙ قدمن کي رد ڪيو وڃي.چئني ملڪن علائقائي معاملن تي ويجهي صلاح مشوري ۽ رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته اسرائيلي قبضو خطي ۽ ان کان ٻاهر عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي پاڪستان، ترڪيه، مصر ۽ سعودي عرب فلسطين ۾ ٻن رياستن واري حل تي جلد عملدرآمد جو مطالبو ڪندي فلسطيني عوام جي حق خوداراديت ۽ آزاد، خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.پڌرنامي ۾ اوڀر يروشلم کي فلسطيني رياست جي گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ جي حمايت ڪندي يروشلم جي قانوني ۽ تاريخي حيثيت تبديل ڪرڻ جون ڪوششون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو