پيٽرول جي قيمت برقرار، ڊيزل مهانگو ٿي ويو

پيٽرول جي قيمت برقرار، ڊيزل مهانگو ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول جي في ليٽر قيمت برقرار رکندي ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 91 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 393 رپيا 66 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت 377 رپيا 71 پئسا برقرار رکي وئي آهي.ڊيزل ۽ پيٽرول جون نيون قيمتون 24 آڪٽوبر کان 26 آڪٽوبر تائين لاڳو رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو