ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته عوام کي سندن درن تي سرڪاري ادارن جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ننڍا انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ ضروري آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ نون صوبن سان گڏ ننڍا ڊويزن ۽ ضلعا ٺاهڻ جي به ضرورت آهي. اتر ڊيرا بگٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ڪوهه سليمان ڊويزن جي سمورين ڊويزنل پوسٽن جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته منظور ٿيل پوسٽن تي آفيسر ۽ ٻيو عملو جلد مقرر ڪيو ويندو.هن چيو ته انتظامي يونٽ ننڍا هئڻ سان عوام کي سول حڪومت ۽ مختلف کاتن تائين پهچڻ ۾ سولائي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ننڍن انتظامي يونٽن بابت بحث هاڻي شروع ٿيو آهي، پر هن اهو عمل 2 سال اڳ شروع ڪيو هو. وڏي وزير چيو ته بلوچستان جي خاص حالتن کي نظر ۾ رکندي انتظامي ڍانچو عوام جي ضرورتن مطابق ٺاهڻو پوندو.










