سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد پير مسافر رنگ روڊ ويجهو پوليس ۽ هٿياربند جوابدارن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران پيٽرول پمپ جي مالڪ نياز بگٽي جي قتل ۽ ڦر واري ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار نديم علي شيخ پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.پوليس پريس رليز موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار جي نشاندهي تي نياز بگٽي جي قتل واري واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل ۽ هٿوڙو هٿ ڪيو ويو هو. خميس ڏينهن ساڳئي جوابدار جي نشاندهي تي قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ پوليس پارٽي رواني ٿي هئي. واپسي دوران پير مسافر رنگ روڊ ڀرسان گھات لڳائي ويٺل ٽن هٿياربند جوابدارن پوليس پارٽي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.پوليس موجب، مقابلي دوران جوابدارن جي فائرنگ سبب نديم علي شيخ پنهنجن ئي ساٿين جون گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا. مارجي ويل جوابدار جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن جاري آهي.نياز بگٽي قتل ڪيس جا تفصيل پوليس موجب، 27 اپريل 2026ع تي نديم علي شيخ پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ بچل شاهه موڙ ڀرسان پيٽرول پمپ جي مالڪ نياز بگٽي جي ڪار روڪي، هٿوڙي سان گاڏي جا شيشا ٽوڙيا ۽ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويو هو.ايس ايس پي سکر احمد چوڌري موجب، مارجي ويل جوابدار نياز بگٽي جي قتل ۽ ڦر سميت ڪيترين ئي سنگين وارداتن ۾ ملوث هو. جوابدار جو وڌيڪ ڏوهي رڪارڊ مختلف ٿاڻن ۽ ٻين ضلعن مان حاصل ڪيو پيو وڃي.جوابدار جو ڏوهي رڪارڊ پوليس پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مارجي ويل جوابدار خلاف ڪراچي جي ڪورنگي، گلستان جوهر، فيروزآباد ۽ عزيزآباد ٿاڻن سميت سکر ۽ گهوٽڪي جي ٿاڻن ۾ به مختلف ڪيس داخل هئا، جن ۾ قتل، قتل جي ڪوشش، ڦر، هٿيارن جي قانون جي ڀڃڪڙي، پوليس تي حملي ۽ ٻين ڏوهن جا قلم شامل آهن.پوليس موجب، فرار جوابدارن جي گرفتاري ۽ وڌيڪ جاچ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.










