اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪا به سياسي جماعت سچائيءَ ۽ خلوص سان سيڪيورٽي فورسز سان گڏ نه بيهندي، اها سياسي طور ختم ٿي ويندي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته خيبرپختونخوا جي گورنر 160 ارب رپين جي گهر ڪئي هئي، جنهن جي وزيراعظم فوري طور منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته خيبرپختونخوا مان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته دهشتگردي ختم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي کانسواءِ عوام جي زندگي بهتر نٿي بڻائي سگهجي. دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي ايجنڊا ۾ جيڪو شامل نه هوندو، ان کي سياسي طور ختم ٿيڻو پوندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته اها ڪا به سياسي جماعت هجي، جيڪڏهن اها پوري خلوص سان سيڪيورٽي فورسز سان گڏ نه بيهندي ته اها مائنس ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت 28هين آئيني ترميم بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو مسودو سامهون آيو آهي. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سڄي قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي.










