پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي وارو ٿيلهو بند ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي وارو ٿيلهو بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب حڪومت صوبي ۾ اٽي جي فراهميءَ بابت اهم فيصلو ڪندي 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو بند ڪري مارڪيٽ ۾ رڳو 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير مريم نواز شريف ڪڻڪ ۽ اٽي جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ بين الصوبائي سرحدن تي سخت نگرانيءَ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. وڏي وزير سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجن ضلعن ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ جا مقرر ڪيل هدف پورا ڪيا وڃن ۽ سرڪاري زمينن تي ڪڻڪ جي پوکي يقيني بڻائي وڃي. هن فيصلو ڪيو ته نمبردار، گهوڙي پال اسڪيم ۽ ’پنهنجو کيت، پنهنجو روزگار‘ اسڪيم تحت ايندڙ سموري زمين تي ڪڻڪ پوکي وڃي. مريم نواز رمضان المبارڪ دوران ڪيلو، صوف ۽ کجور مقرر ڪيل اگهن تي دستياب رکڻ لاءِ به ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته هر ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي علائقي ۾ ڪولڊ اسٽوريج جي گنجائش ۽ ضرورت موجب انهن ميون جو ذخيرو يقيني بڻائيندو. وڏي وزير کي ڀاڄين، دالين ۽ ٻين شين سميت 15 کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جو تقابلي جائزو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ پهريون ڀيرو ’مارڪيٽ جي ضايع ٿيندڙ شين کي دولت ۾ تبديل ڪرڻ‘ وارو منصوبو متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته پامرا تحت موسم کانسواءِ ڀاڄين ۽ ميون جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن کي پاڻيءَ کان پاڪ ڪري محفوظ ڪرڻ واري منصوبي جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪاهنه ۾ ڀاڄين ۽ ميون لاءِ پنجاب جي پهرين منڊي مارٽ منصوبي جو ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. وڏي وزير صوبي جي ٻين علائقن ۾ پڻ منڊي مارٽ قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. مريم نواز کليل کير جي وڪري کي ضابطي هيٺ آڻڻ ۽ ان سلسلي ۾ اثرائتا قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. حڪومت موجب انهن قدمن جو مقصد کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي، اگهن ۾ استحڪام، زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ غذائي شين جي غيرقانوني چرپر کي روڪڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو