اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٻاڙائي سان شروعات

اسٽاڪ ايڪسچينج جي ٻاڙائي سان شروعات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات ٻاڙائيءَ سان ٿي ۽ 600 کان وڌيڪ پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ڪاروبار جي شروعات تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 600 کان وڌيڪ پوائنٽس گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 63 هزار 262 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي رهي هئي ۽ 100 انڊيڪس 2 هزار 6 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ هڪ لک 63 هزار 924 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو