لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ خميس ڏينهن گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) ۾ قيد پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ٻن پاڪستاني شهرين بابت اڳوڻي عدالتي حڪم تي مبينا طور عمل نه ڪرڻ جي معاملي تي توهين عدالت جي ٻن الڳ درخواستن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري عاصم افتخار کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
14 سيپٽمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ پرڏيهي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي هئي ته گڏيل عرب امارتن ۾ قيد ٻن پاڪستاني شهرين، سيد سلمان رضا زيدي ۽ محمد جنيد جهانگير، جي معاملي بابت ڏنل درخواستن تي 15 ڏينهن اندر ڪارروائي ڪري فيصلو ڪيو وڃي.
جسٽس صادق محمود خرم خميس ڏينهن توهين عدالت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن طرفان بئريسٽر ابوذر سلمان نيازي پيش ٿيو، جنهن الزام لڳايو ته ٻنهي شهرين کي اڃا تائين قونصلر، سفارتي ۽ قانوني رسائي کان محروم رکيو ويو آهي.
هن عدالت جي 14 سيپٽمبر واري هدايت جو حوالو ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪافي وقت گذرڻ باوجود درخواستگذارن کي سندن درخواستن بابت ڪنهن به فيصلي کان باضابطه طور آگاهه نه ڪيو ويو آهي.
وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
ابتدائي دليل ٻڌڻ کان پوءِ جسٽس خرم جوابدار پرڏيهي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي 29 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
مکيه درخواستن ۾ وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سيد سلمان رضا زيدي 27 سيپٽمبر 2024ع تي شارجا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تان گم ٿي ويو هو، جنهن کان پوءِ گڏيل عرب امارتن جي اختيارين کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
هن چيو ته لڳ ڀڳ ٻه سال گذرڻ باوجود درخواستگذار فريال زينب کي پنهنجي مڙس زيدي خلاف الزامن، عدالتي ڪارروائي، ڪنهن سزا يا ڪيس جي مڪمل عدالتي رڪارڊ بابت اڃا تائين ڪا واضح ڄاڻ فراهم نه ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي، ايڊووڪيٽ نيازي ٻڌايو ته محمد جنيد جهانگير کي مبينا طور 24 سيپٽمبر 2024ع تي سعودي عرب کان واپسيءَ دوران دبئي ايئرپورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو هو.
جهانگير جي پيءُ محمد ابراهيم درخواست داخل ڪندي وفاقي حڪومت ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت (MOFA) پاران اثرائتي قونصلر تحفظ ۽ قانوني مدد فراهم ڪرڻ ۾ مبينا ناڪامي کي چئلينج ڪيو.
درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ٻنهي شهرين جي گرفتاري بابت پرڏيهي سيڪريٽري آڏو درخواستون جمع ڪرائڻ باوجود انهن تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.
ٻنهي درخواستگذارن عدالت کان استدعا ڪئي هئي ته سيد سلمان رضا زيدي ۽ محمد جنيد جهانگير کي قانوني ۽ قونصلر مدد فراهم ڪرڻ، سندن عدالتي رڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ کين پاڪستان واپس آڻڻ لاءِ سفارتي سطح تي قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.










