تبت ۾ 7 جي شدت جو زلزلو، 16 فوت، 300 گهر تباهه، بجلي بند، ريسڪيو ٽيمون روانيون

تبت ۾ 7 جي شدت جو زلزلو، 16 فوت، 300 گهر تباهه، بجلي بند، ريسڪيو ٽيمون روانيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چين جي سرڪاري ميڊيا موجب، تبت جي هڪ جابلو علائقي ۾ 7.0 شدت جو زلزلو آيو، جنهن جي گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اختيارين هنگامي حالت جو اعلان ڪندي متاثر علائقي ۾ امدادي ٽيمون موڪلي ڇڏيون آهن، جتي 65 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.
تبت بابت معلومات جو اڪثر واحد ذريعو چين جي سرڪاري ميڊيا هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته 1950ع واري ڏهاڪي ۾ تبت کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ کان پوءِ چين اتي سخت ڪنٽرول برقرار رکيو آهي.
چين جي سرڪاري خبرن واري اداري شنهوا، مقامي هنگامي انتظاميا جي بيورو جي حوالي سان ٻڌايو ته خميس جي رات زلزلي جو مرڪز ناگچو علائقي جي باچين ڪائونٽي ۾ هو.
هيءَ ڪائونٽي تبت جي گاديءَ واري شهر لهاسا کان 400 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ واقع آهي.
اطلاعن موجب، زلزلي سبب 300 کان وڌيڪ گهر ڊهي پيا آهن، جڏهن ته علائقي جي وڏي حصي ۾ بجليءَ جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.
زلزلي مان بچي ويل ڪيترن ئي ماڻهن مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته انهن ڪيئن ڏکيائين سان پنهنجي جان بچائي.
تبت ڊيلي سان ڳالهائيندي ناگچو جي رهواسڻ ييشي تسومو ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي بستري تي ستل هئي، جڏهن سندس گهر زور سان لڏڻ لڳو. زلزلو محسوس ڪندي هوءَ اگهاڙين پيرن ٻاهر نڪري آئي. هن ٻڌايو ته گهر جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهندي سندس ٽنگون ”بي قابو نموني ڏڪي رهيون هيون“.
هڪ ٻئي اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته ڌرتيءَ جو ڌوڏو ايترو ته شديد هو، ”جو ان لمحي مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪيترائي سئو جنگلي سان يعني ياڪ اسان جي ڀرسان ڊوڙندا گذري رهيا هجن.“
خبر ڏيندڙ اداري موجب، رهواسين کي خدشو هو ته زلزلي جا وڌيڪ لوڏا سندن گهرن ۾ ڦاسائي سگهن ٿا، تنهن ڪري انهن رات سخت سرديءَ ۾، جڏهن گرمي پد ٻڙيءَ کان هيٺ هو، خيمن يا پنهنجي گاڏين ۾ پناهه وٺي گذاري.

پهنجو تبصرو موڪليو