ڪي پي کي اڪيلو نه ڇڏڻ جو عزم،دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تي اتفاق

ڪي پي کي اڪيلو نه ڇڏڻ جو عزم،دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تي اتفاق

پشاور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پشاور ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي وفاقي اپيڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ خيبرپختونخوا مان دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو آهي ته خيبرپختونخوا کي باهه ۾ سڙندو ڇڏي خاموش تماشائي نٿا بڻجي سگهون، حالتن جي مجبوريءَ سبب صوبي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻو پيو. گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، گهرو وزير محسن نقوي، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ، اطلاعات واري وزير عطا تارڙ، امير مقام، رانا ثناءُالله، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ڪور ڪمانڊر پشاور سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ تازين اڳڀراين جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، اسان جي جوانن ۽ آفيسرن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته صوبي جي پوليس، سيف سٽيز منصوبن ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) کي جيڪا به مدد گهربل هوندي، وفاقي حڪومت فراهم ڪندي. هن چيو ته خيبرپختونخوا بهادر ۽ غيرتمند ماڻهن جو خوبصورت صوبو آهي، ان کي بدامنيءَ جي ور چاڙهي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون. گذريل ڪجهه سالن ۾ پيدا ڪيل حالتن سبب صوبو سخت متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏين قربانين سان ملڪ مان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيو هو ۽ 2018ع تائين صوبي ۾ مڪمل امن قائم ٿي چڪو هو.
پي ٽي آءِ جي دور ۾ دهشتگردن کي ٻيهر آندو ويو: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف الزام لڳايو ته امن قائم ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ دهشتگردن کي ٻيهر واپس آندو ويو، جنهن سبب سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي پاڻي ڦري ويو ۽ صوبي جي عوام کي ان جو نقصان ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته انهن قربانين جو احساس ۽ احترام نه ڪرڻ کان وڏي ملڪ دشمني ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ جي دور ۾ تعليم، صحت، امن ۽ عوامي ڀلائيءَ جي ٻين شعبن کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن کي مجرماڻي غفلت ۽ بي حسيءَ کانسواءِ ٻيو نالو نٿو ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته انهن ئي سببن ڪري گذريل ڪجهه سالن دوران دهشتگرديءَ ۾ ٻيهر اضافو ٿيو. وزيراعظم موجب، گذريل صوبائي حڪومت جي دور ۾ پوليس جون 5 هزار خالي جايون ڀريون نه ويون، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ سيف سٽيز منصوبو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته صوبي ۾ سي ٽي ڊي جي صلاحيت وڌائڻ ۽ پوليس جي تربيت تي به گهربل ڌيان نه ڏنو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته اين ايف سي ايوارڊ تحت خيبرپختونخوا کي دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ 800 ارب رپيا ڏنا ويا، پر ان باوجود دهشتگردي ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ شدت سان سامهون آئي. سيڪيورٽي فورسز کي گهربل تربيت، جديد هٿيار ۽ ٻيا ضروري اوزار به فراهم نه ڪيا ويا. شهباز شريف چيو ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جي وزيراعليٰ کي يقين ڏياريو هو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ وفاق صوبي سان گڏ بيٺل آهي.
سياسي ۽ عسڪري قيادت جي ڪوششن سان معيشت مستحڪم ٿي: شهباز شريف
وزيراعظم چيو ته گذريل اڍائي سالن دوران ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت جي گڏيل ڪوششن سان معيشت مستحڪم ٿي آهي. هن سوال اٿاريو ته ڇا وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا کي وڌيڪ بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙندو ڏسندي رهي ها؟ سندس چوڻ هو ته سياسي ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن 48 ڪلاڪن تائين ڳالهين ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيون، پر صوبي ۾ جاري خونريزيءَ کي آخر ڪيستائين برداشت ڪري سگهجي پيو؟وزيراعظم ٻڌايو ته خيبرپختونخوا جي انتهائي خراب صورتحال تي صدر سان ٻه ڀيرا صلاح مشورو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ صوبي بابت سخت فيصلا ڪرڻا پيا.
13 سالن کان صوبي جا ماڻهو مسئلن جي حل لاءِ واجهائي رهيا آهن: وزيراعظم
شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخوا جا ماڻهو گذريل 13 سالن کان پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ واجهائي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته مشاورتي ڪائونسل قائم ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ مختلف شعبن جا قابل ۽ ايماندار ماهر شامل آهن. وزيراعظم الزام لڳايو ته ڪرپشن جي خاتمي جي نالي تي ووٽ وٺندڙ جماعت پاڻ ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي ۽ صوبي ۾ بدعنوانيءَ جون نيون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن. هن دعويٰ ڪئي ته خيبرپختونخوا ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي منصوبي ۾ 100 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، جڏهن ته ڪوهستان ميگا اسڪينڊل ۾ 37 ارب رپين جي بدعنواني سامهون آئي. هن پليسر گولڊ منصوبي ۾ به من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ جو الزام لڳايو. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا بابت کنيل قدم لاءِ آئين ۽ قانون اختيار ڏين ٿا. هن فيصلي جي حمايت ڪرڻ تي سمورين اتحادي جماعتن، خاص طور صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جا ٿورا مڃيا. هن عزم ظاهر ڪيو ته فيلڊ مارشل جي سهڪار سان خيبرپختونخوا ۾ امن، خوشيون ۽ ترقيءَ جو دور ٻيهر واپس آندو ويندو ۽ صوبي کي ٻين صوبن جي برابر ترقي ڏني ويندي.
دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو خاتمو اولين ترجيح آهي: گورنر
اجلاس کي خطاب ڪندي خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ گڏيل ترجيح آهي ۽ عوام امن توڙي ترقي چاهي ٿو.هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ امن جي قيام لاءِ وفاقي حڪومت جو ڪردار انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن سمورا ادارا هڪ صفحي تي هجن ته امن ۽ ترقيءَ جي عمل کي روڪي نٿو سگهجي. گورنر چيو ته صوبي مان دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، جتي هر شهري پاڻ کي محفوظ سمجهي ۽ ترقيءَ جي عمل ۾ ڀائيوار بڻجي. فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا کي امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو مثالي صوبو بڻائڻ لاءِ وفاق ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته عوام جو تحفظ ۽ خوشحالي گڏيل ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو