پاڪستان کي قطر کان ايل اين جي ڪارگو ملي ويو

پاڪستان کي قطر کان ايل اين جي ڪارگو ملي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان کي قطر کان ايل اين جي جو هڪ ڪارگو مليو آهي.
توانائي وزارت جي ذريعن موجب، آڪٽوبر لاءِ قطر کان ٻيو ايل اين جي ڪارگو پاڪستان پهچي ويو آهي، ۽ ايل اين جي ڪارگو مان سسٽم کي گئس جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي.
توانائي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ قطر کان هاڻي تائين ٻه ايل اين جي ڪارگو ملي چڪا آهن.
توانائي وزارت جي ذريعن موجب، مهانگي اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو کان بچڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. معاهدي تحت قطري ڪارگو جي قيمت اسپاٽ ڪارگو جي ڀيٽ ۾ اڌ آهي.
توانائي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدي تحت، قطري ڪارگوز مان گئس جي قيمت 14 کان 15 ڊالر آهي. اسپاٽ مارڪيٽ ۾ گئس جي قيمت 30 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تائين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو