مير رضا فوتگي، عملدرآمد واري ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس

مير رضا فوتگي، عملدرآمد واري ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مير رضا علي جي فوتگي بابت ڪميشن جي رپورٽ تي عملدرآمد لاءِ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس سنڌ جي گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءَ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ مڪاني حڪومت ۽ هائوسنگ ٽائون پلاننگ واري وزير ناصر حسين شاهه، محنت ۽ انساني وسيلن واري وزير سعيد غني، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڊيرو ۽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميشن جي رپورٽ جي نتيجن ۽ انهن تي عملدرآمد جي طريقيڪار بابت مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته رپورٽ جي سفارشن تي عملدرآمد سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ذيلي ڪميٽي پنهنجون سفارشون جلد کان جلد سنڌ جي وڏي وزير آڏو پيش ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو