پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جو صوبو معدنيات سان مالا مال آهي ۽ اسان انهي جي وسيلن مان فائدو کڻنداسين.پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته حددخلين جي خلاف آپريشن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين، صفائي مهم شروع ڪئي آهي، اسان جو مقصد صوبي کي صاف سٿرو بنائڻ آهي.هن چيو ته اضا خيل گودام ۾ ڪڻڪ جي حوالي سان مون کي رپورٽ ملي وئي آهي، جنهن به قسم جي غلطي ٿي انهي جي سزا ذميوار ڀوڳيندا.خيبرپختونخواهه جي گورنر جو چوڻ هو ته اسان جو صوبو تيل، گيس، معدنيات، تمباڪو، بجلي ۽ ٻين وسيلن سان مالا مال آهي، صوبي جي خوشحالي لاءِ اسان انهن وسيلن مان فائدو کڻنداسين اسان سڀني کان پهريان پنهنجي صوبي ۽ ماڻهن جو تحفظ ڪنداسين انهي کان پوءِ ملڪي ۽ عالمي ڪمپنين سان معاهدو ڪنداسين، اسان تنقيد براءِ اصلاح برداشت ڪنداسين، سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو.فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته اسان اهي ماڻهو نه آهيون جيڪي انتشار جا جلسا ۽ احتجاج ڪن، جڏهن انهن ماڻهن جو طوطو افغانستان ۾ هجي ته پوءِ اهي ڪهڙي طرح انهي جي خلاف ڪارروائي ڪندا.










