ٺل: (ن س) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد، در محمد نوناري واري علائقي ۾ مبينا جهيڙي دوران 25 ورهين جو نوجوان ڪريم بخش پٽ امير بخش ڀٽي فوت ٿي ويو.واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي هڪ ڄڻي عابد ڊول پٽ بشير ڊول کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ان موقعي تي مقتول نوجوان جي چاچي محمد پنڃل ڀٽي الزام هڻندي چيو ته سندن نوجوان کي نوناري ۽ ڊول برادرين جي ماڻهن لٺين سان حملو ڪري قتل ڪيو آهي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.










