اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 2015ع واري قانون تحت ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 2015ع واري قانون تحت ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع تحت مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چونڊ شيڊول اڄ ئي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ائين لڳي ٿو ته حڪومت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي. آئين ۾ واضح آهي ته مڪاني چونڊون لاڳاپيل قانون موجب ٿيڻ گهرجن. وفاقي گادي واري شهر ۾ آخري مڪاني چونڊون 2015ع ۾ ٿيون هيون، جڏهن ته چونڊيل مڪاني حڪومت جو مدو 14 فيبروري 2021ع تي ختم ٿي ويو هو. ان کانپوءِ نيون چونڊون نه ٿي سگهيون. قانون موجب، مڪاني حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ 120 ڏينهن اندر نيون چونڊون ڪرائڻيون هيون، پر قانون ۾ بار بار تبديلين ۽ انتظامي مسئلن سبب چونڊ عمل تعطل جو شڪار رهيو. اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا مختصر حڪم نامو پڙهي ٻڌايو. ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار پڻ پيش ٿيا. اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ملڪ ٻڌايو ته وفاقي حڪومت مڪاني چونڊن بابت آرڊيننس جاري ڪيو هو، جنهن سلسلي ۾ ڊيٽا ۽ نقشا پڻ حاصل ڪيا ويا هئا، پر تڪبندين جو عمل جاري هئڻ دوران 6 سيپٽمبر تي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي ويو. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ حتمي تڪبندين جي فهرست 14 آڪٽوبر تي جاري ڪئي وئي هئي. گهرو وزارت کي ٻه ڀيرا ياد ڏياريندڙ خط پڻ موڪليا ويا ۽ آرڊيننس جو مدو ختم ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو، پر ان باوجود اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ جا ضابطا اڃا تائين فراهم نه ڪيا ويا آهن. اسپيشل سيڪريٽري موجب، قانون واري وزارت ضابطن جي منظوري ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته وفاقي حڪومت اڃا تائين نئون مڪاني چونڊن وارو قانون پڻ تيار نه ڪيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع موجود آهي، تنهنڪري چونڊون ساڳئي قانون تحت ڪرايون وڃن. ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته جيڪڏهن 2015ع واري مڪاني قانون تحت چونڊون ڪرايون وڃن ته تڪبندين تي ڪو به اثر نه پوندو. هن چيو ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري، چيف ڪمشنر ۽ وزيرن جي ڪميٽي طرفان پڻ يقين ڏياريو ويو هو، پر ان باوجود چونڊ عمل ۾ دير جاري آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ائين لڳي ٿو ته حڪومت اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي. اليڪشن ڪميشن مجبور ٿي اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪري رهي آهي. هن اعلان ڪيو ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول اڄ ئي جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو