ڪراچي: ٻن ڏينهن دوران ايل پي جي 150 رپيا في ڪلو مهانگي

ڪراچي: ٻن ڏينهن دوران ايل پي جي 150 رپيا في ڪلو مهانگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رڳو ٻن ڏينهن اندر ايل پي جي جي اگهه ۾ 150 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي، جنهن کانپوءِ قيمت 550 رپين مان وڌي 600 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) آڪٽوبر 2026ع لاءِ ايل پي جي جي سرڪاري قيمت 279 رپيا 34 پئسا في ڪلو مقرر ڪئي آهي. ٻئي پاسي، ايل پي جي ڊسٽريبيوٽرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اوگرا آڪٽوبر مهيني لاءِ ايل پي جي جي قيمت 279 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي آهي، پر مارڪيٽ ۾ ان کان گهڻي اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي. هن ٻڌايو ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ ايل پي جي 500 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ان جو اگهه 600 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. عرفان کوکر الزام لڳايو ته ايل پي جي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مبينا طور اربين رپين جي ڦرلٽ باوجود اوگرا خاموش تماشائي بڻيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو