ملتان ۾ نوجوان کي  قتل ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

ملتان ۾ نوجوان کي قتل ڪندڙ جوابدار مقابلي ۾ مارجي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)ملتان ۾ 14 ورهين جي ڇوڪري کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي مارڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار بهاولپور ۾ اربع جي صبح سوير ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (سي سي ڊي) سان مبينا مقابلي دوران مارجي ويو.
سي سي ڊي جي ترجمان موجب، توقير نالي جوابدار مبينا طور جسماني رمانڊ دوران پوليس جي حراست مان فرار ٿي ويو هو.
اڱاري ڏينهن ملتان جي عدالت جوابدار جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جوابدار تي الزام هو ته هن هڪ خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ پاڻ وٽ ڪم ڪندڙ ڇوڪري کي گاڏي سان ٽڪر هڻي ماريو هو. جوابدار کي سومر ڏينهن گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اڱاري ڏينهن جوڊيشل مئجسٽريٽ سعديه اسلم جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
ترجمان موجب، سي سي ڊي جي اهلڪارن بهاولپور جي ناردرن باءِ پاس تي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن ڄڻن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. نتيجي ۾ جوابدار مارجي ويو.
اڱاري ڏينهن پوليس جاچ لاءِ جوابدار جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي، پر جوڊيشل مئجسٽريٽ پوليس کي ٽن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو.
ان موقعي تي ملتان سٽي پوليس آفيسر (سي پي او) اختر فاروق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته ٻئي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
سي پي او چيو ته ”اسان سڀ گهري ڏک ۾ آهيون.“ هن وڌيڪ چيو ته يتيم ڇوڪري سان ”وحشياڻو سلوڪ“ ڪيو ويو.
واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هڪ ڇوڪرو گاڏي ڏسي روڊ تي ڊوڙڻ لڳي ٿو. گاڏي کي ڇوڪري جي پٺيان مُڙندي ۽ سندس تعاقب ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کان پوءِ گاڏي کيس ٽڪر هڻي ٿي. ڇوڪرو ڪري پوي ٿو ۽ پوءِ ڀرسان هڪ گهر جي دروازي سان وڃي ٽڪرائجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي وڃي ٿو.
واقعي جو ڪيس رياست جي فرياد تي ملتان جي ڊي ايڇ اي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.
فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) ۾ ٻن جوابدارن جا نالا شامل ڪيا ويا ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 302 (ارادي سان قتل) ۽ قلم 34 (گڏيل ارادي تحت ڪيترن ئي ماڻهن پاران ڪيل عمل) تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر موجب، نوجوان ڇوڪرو جوابدارن وٽ ڪم ڪندو هو ۽ کيس اليڪٽريشن جو ڪم سيکاريو پئي ويو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو ته ڇوڪري جي سوٽ پوليس کي ٻڌايو ته کيس مبينا طور جوابدارن تشدد جو نشانو بڻايو هو ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون. رپورٽ موجب، 14 ورهين جو ڇوڪرو جڏهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته جوابدارن گاڏي ۾ سندس پٺيان وڃي کيس ٽڪر هنيو.
ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو. رپورٽ موجب، جوابدارن جي گاڏي پڻ تحويل ۾ ورتي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو