ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ يتيم ٻار کي ڪار هيٺان چيڀاٽي ماريندڙ جوابدار توقير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. ضلعي آفيسر سي سي ڊي دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار جسماني رمانڊ دوران پوليس حراست مان فرار ٿي ويو هو. سي سي ڊي موجب، پوليس بهاولپور جي ناردرن باءِ پاس تي موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي جوابدارن فرار ٿيڻ دوران پوليس تي فائرنگ ڪئي. پوليس جي دعويٰ موجب، فائرنگ دوران جوابدار توقير پنهنجي ئي ساٿيءَ جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واضح رهي ته جوابدار توقير گذريل ڏينهن ڪار جي ٽڪر سان 15 ورهين جي نينگر وسيم عباس کي چيڀاٽي ڇڏيو هو. رپورٽن موجب، يتيم نينگر جوابدار جي غير انساني رويي کان تنگ ٿي ساڻس ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. جوابدار توقير نذير کي جوڊيشل مئجسٽريٽ چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو. عدالت ۾ پيشيءَ دوران وڪيلن پڻ جوابدار کي تشدد جو نشانو بڻايو هو.










