دلچسپ مقابلي بعد ڪراچي هٿان زلمي کي 10 رنز تان شڪست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ڪنگز هاءِ اسڪورنگ ميچ م پشاور زلمي کي 10 رنز تان شڪست ڏئي پهرين ميچ کٽي ورتي آهي. 201 جي جواب ۾ زلمي وارا 7 وڪيٽن جي نقصان تي  191 رنز ٺاهي سگهيا. ان کان اڳ پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ٽاس کٽي ڪراچي ڪنگز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ته هنن مقررو اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنز ٺاهي پي ايس ايل ۾ ڊبل سينچري کان ٽارگٽ وڌائڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو. بابر اعظم ۽ شرجيل خان اوپننگ ڪئي  بابر اعظم 7 چوڪن ۽ 2 ڇڪن جي مدد سان 56 بالن تي 78 رنز ٺاهي  ٽام بينٽن جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. شرجيل خان 2 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 11 بالن تي 19 رنز ٺاهي حسن علي جي بال تي شعيب ملڪ هٿان ڪيچ ٿيو.ڪيمرون ڊيلپورٽ کي محمد محسن بولڊ ڪيو هن 16 بالن تي 3 چوڪن جي مدد سان 20 رنز ٺاهيون. عماد وسيم جارحاڻي اننگ کيڏي 3 چڪا 3 چوڪا هڻي 30 بالن تي ففٽي ڪري حسن علي جي بال تي شعيب ملڪ هٿان ڪيچ ٿيو. چيڊوڪ والٽن هڪ چوڪو هڻي 6 بالن تي 9 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

بابر اعظم مين آف دي ميچ رهيو، فوٽو ٽوئٽر

جڏهن ته افتخار احمد آخري اوور جي ٽن بالن تي 2 چڪا ۽ هڪ چوڪي هڻي 3 بالن تي 16 رنز اسڪور ڪري ٽيم جو اسڪور ڊبل سينچري کان ٽپائي ڇڏيو. 9 ايڪسٽرا رنز به کين مليون. حسن علي مهانگو بالر ثابت ٿيو. پشاور زلمي بيٽنگ سروع ڪئي ته آغاز سٺو نه هئن. ٽام بينٽن 13 بالن تي 13 اسڪور ڪيو رڳو هڪ چوڪو هنيو ۽ ڪرس جورڊن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ڪامران اڪمل 2 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 26 بالن تي 43 رنز ٺاهيون ته ڪيمرون ڊيلپورٽ کيس بولڊ ڪري ڇڏيو. حيدر علي هڪ چوڪو هنيو ۽ 3 بالن تي 4 رنز ڄاهي ڪرس جورڊن جي بال تي بولڊ ٿي ويو. شعيب ملڪ 12 بالن تي ٻن چوڪن جي مدد سان 16 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ارشد اقبال کيس رن آئوٽ ڪيو. ليم لونگسٽون 3 چڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 54 رنز ڄاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ليم ڊاسن هڪ چڪي جي مدد سان 16 بالن تي 22 رنز ٺاهي عامر جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. ڪپتان ڊيرن سيمي هڪ ڇڪي ٻن چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 30 رنز ٺاهي اميد آصف جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿيو. وهاب رياض پهرين بال تي اميد آصف جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿي ويو. هنن کي به 9 ايڪسٽرا جون رنز مليون پر اوور ختم ٿيڻ سبب 10 رنز تان هارائي ويا. 34 ميچز مان 2 ميچ ٿي چڪا. پهرين ميچ ۾ ٽائٽکل جو دفاع ڪندڙ ڪوئٽا وارن  2  ڀيرا پي ايس ايل کٽندڙ اسلام آباد کي شڪست ڏني هئي. ٽيون ميچ رات 8 وڳي لاهور ۾  لاهور قلندر ۽ ملتان سلطان م ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو