دوشنبي(ويب ڊيسڪ)ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او)جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي هڪٻئي سان مالي ڏيتي ليتي لاءِ پنهنجي قومي ڪرنسين جو استعمال ڪن ۽ عالمي مالي بحرانن جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيا مالي نظام به قائم ڪن.
هن اهڙو اظهار تاجڪستان جي گاديءَ واري شهر دوشنبي ۾ ايس سي او جي سربراهانِ حڪومت جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسحاق ڊار ان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ هڪ ڏينهن اڳ دوشنبي پهتو هو.
شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ 10 ميمبر ملڪ شامل آهن، جن ۾ پاڪستان، چين، ڀارت، ايران، روس، ڪرغزستان، بيلاروس، قزاقستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان شامل آهن. افغانستان ۽ منگوليا کي مبصر ملڪن جي حيثيت حاصل آهي.
سربراهانِ حڪومت جي ڪائونسل ايس سي او جو ٻيو نمبر وڏو فيصلائتو ادارو آهي، جيڪو معاشي، مالي، واپاري، رابطن ۽ سماجي-معاشي سهڪار سان گڏ تنظيم جي بجيٽ بابت معاملن تي رهنمائي فراهم ڪري ٿو.
اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته هڪٻئي سان مالي ڏيتي ليتي لاءِ قومي ڪرنسين جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏ ايس سي او ترقياتي بئنڪ، ايس سي او ترقياتي فنڊ ۽ ايس سي او سيڙپڪاري فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته اهڙا مالي ذريعا ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ ايس سي او جي خطي کي عالمي مالي بحرانن جي اثرن کان بچائڻ ۾ ڪارائتا ثابت ٿيندا.
ايس سي او جي ٻن ميمبر ملڪن، روس ۽ ايران، کي اولهه جي پابندين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن سبب عالمي مارڪيٽن تائين سندن پهچ محدود ٿي وئي آهي ۽ معاشي ترقي متاثر ٿي رهي آهي.
پاڪستان جي صدارت هيٺ 2024ع ۾ ٿيل سربراهانِ حڪومت جي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي ۾ ايس سي او ميمبر ملڪن هڪٻئي سان مالي ڏيتي ليتي ۾ قومي ڪرنسين جي حصي کي مرحليوار وڌائڻ بابت طئي ٿيل رٿابندي تي مسلسل عمل ڪرڻ جي ضرورت کي ٻيهر تسليم ڪيو هو.
پڌرنامي ۾ عالمي سطح تي گڏيل ۽ سڀني لاءِ فائديمند معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي واپاري تنظيم جي گهڻ ملڪي واپاري نظام جي تحفظ ۽ واڌاري تي زور ڏنو ويو هو. ان سان گڏ عالمي واپار ۾ آمريڪي ڪرنسي تي انحصار گهٽائڻ جي ضرورت به اجاگر ڪئي وئي هئي.
ان وقت وزيراعظم شهباز شريف چيو هو ته ميمبر ملڪن ۾ مالي ڏيتي ليتي لاءِ هڪٻئي جي ڪرنسين جي استعمال بابت اتفاق راءِ وڌي رهيو آهي. هن چيو هو ته اهڙي تبديلي اسان کي عالمي مالي بحرانن جي اثرن کان محفوظ رکندي.
سي پيڪ ذريعي معاشي سهڪار جا موقعا
دوشنبي ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ)ايس سي او جي هر ڀائيوار ملڪ لاءِ هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿي، جنهن ذريعي اهي گڏيل معاشي سهڪار ۽ جامع معاشي اتحاد جي سفر ۾ شامل ٿي ان کي تيز ڪري سگهن ٿا.
هن زور ڏيندي چيو ته خطي ۾ بنا رنڊڪ معاشي اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ اهم شعبن، خاص طور توانائي ۽ آمدورفت، ۾ هدفن تحت سيڙپڪاري ضروري آهي.
پرڏيهي وزير تحفظ پسند پاليسين ۽ هڪ طرفي جبر تي ٻڌل قدمن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي عالمي قانون جي اصولن جي ابتڙ آهن، معاشي ترقي کي روڪين ٿا، ٽيڪنالاجيءَ جي واڌ ويجهه ۾ رنڊڪ وجهن ٿا ۽ اڻبرابري وڌائين ٿا.
ڊپٽي وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي منصفاڻي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي مالي ڍانچي ۽ واپاري نظامن ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهن.
هن چيو ته پاڪستان زراعت، کاڻين ۽ معدنيات توڙي انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت وڏي امڪانن وارن شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، ته جيئن هڪ مضبوط ۽ هڪٻئي سان ڳنڍيل معاشي مستقبل تعمير ڪري سگهجي.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو يقين آهي ته مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل تبديلي، جدت، توانائيءَ ۾ سهڪار ۽ عالمي معلوماتي سلامتي کي ايس سي او اندر مستقبل جي گڏيل سهڪار جا اهم بنياد بڻجڻ گهرجي.
ان کان پوءِ اسحاق ڊار ايس سي او جي سربراهانِ مملڪت واري ڪائونسل جي 2027ع واري اجلاس لاءِ وزيراعظم شهباز شريف طرفان مقرر ڪيل ترجيحي شعبن جو ذڪر ڪيو. اهو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ وارو آهي.
انهن ترجيحن ۾ امن، سلامتي ۽ گڏيل اعتماد؛ علائقائي رابطا ۽ واپار؛ جدت، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل تبديلي؛ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ پائيدار توانائي؛ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ شامل آهن.
هن زور ڀريو ته آمدورفت ۽ توانائيءَ جي بنيادي ڍانچي ۾ حڪمت عمليءَ تحت سيڙپڪاري رڳو فائديمند نه، پر خطي ۾ حقيقي معاشي اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ اسحاق ڊار تاجڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا گرمجوشيءَ ۽ فراخدليءَ سان آجيان ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.
هن چيو ته گذريل 25 سالن کان ايس سي او باهمي اعتماد ۽ مختلف ثقافتن جي احترام تي ٻڌل شنگهائي روح سان وابسته رهي آهي ۽ وقت سان گڏ پنهنجي دائري کي واپار، بنيادي ڍانچي، ثقافت ۽ جدت تائين وڌايو آهي.
اسحاق ڊار چيو ته ايس سي او اندر پاڪستان جو سفر شنگهائي روح سان ملڪ جي وابستگيءَ جو عڪاس آهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان ايس سي او جي علائقائي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ڍانچي (ايس سي او-ريٽس) ۽ غربت جي خاتمي بابت تنظيم جي ورڪنگ گروپ جي صدارت به ڪري چڪو آهي.
هن چيو ته پاڪستان غربت گهٽائڻ ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ چاهي ٿو.
”پاڪستان پرامن ۽ خطي سان ڳنڍيل افغانستان چاهي ٿو“
سربراهانِ حڪومت جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار افغانستان مان سرحد پار ٿيندڙ دهشتگرديءَ جو معاملو به اٿاريو.
هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتيءَ کان سواءِ مسلسل معاشي ترقيءَ جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ علائقائي امن جي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اڄ به اهڙو افغانستان چاهي ٿو، جيڪو پرامن، مستحڪم، خطي سان ڳنڍيل ۽ خوشحال هجي ۽ پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان گڏ امن ۾ رهي.
ڊپٽي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد کي افغان طالبان حڪومت کان رڳو هڪ ئي اميد آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۽ دنيا خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
هن علائقائي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ بنيادي شرط طور پرامن ۽ مستحڪم پاڙيسري خطي جي قيام بابت پاڪستان جي عزم کي ورجايو.
اسلام آباد بار بار ڪابل ۾ طالبان انتظاميا تي زور ڀريندو رهيو آهي ته اها افغان سرزمين تي دهشتگردن جي پناهگاهن کي ختم ڪري، خاص طور تي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان لاڳاپيل انهن ٿاڪن کي، جتان پاڪستان اندر حملا ڪيا وڃن ٿا. پاڪستاني عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن مطالبن تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي.
پنهنجي تقرير جي پڄاڻيءَ تي اسحاق ڊار تاجڪستان ۽ ايس سي او جي مستقل ادارن جي سربراهن کي اجلاس ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن ايس سي او جي صدارت سنڀالڻ تي ازبڪستان کي به مبارڪباد ڏني ۽ دستاويزن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ تي تنظيم جي قومي رابطاڪارن جي واکاڻ ڪئي.
هن چيو: ”ايس سي او جي بنيادي طاقت رڳو اسان جي گهري تاريخي لاڳاپن ۾ نه، پر ان کان به وڌيڪ ان مضبوط گڏيل مستقبل ۾ آهي، جنهن کي ٺاهڻ جو فيصلو اسان سڀ گڏجي ڪريون ٿا.
”پاڪستان هن گڏيل مستقبل جي تعمير ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ ۽ يوريشيا ۾ رابطن ۽ معاشي خوشحاليءَ جي ايندڙ ڏهاڪي جي شڪل جوڙڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي.“
دوشنبي ۾ وفدن جي آجيان
ايس سي او جي اجلاس کان اڳ اڱاري ڏينهن ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي کاتي موجب، هن ملاقات ۾ مختلف ملڪن جي وفدن جا سربراهه پڻ موجود هئا.
پرڏيهي کاتي ٻڌايو ته صدر امام علي رحمان اڳواڻن جي آجيان ڪئي ۽ رابطن، استحڪام ۽ گڏيل خوشحاليءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس سي او جي دائري اندر علائقائي معاشي سهڪار مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
ان کان پوءِ تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده اسحاق ڊار ۽ ٻين وفدن جي آجيان ڪئي.
پرڏيهي کاتي موجب، پنهنجي دوري دوران اسحاق ڊار ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي تنظيم جي ميمبر ملڪن جي هم منصب اڳواڻن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.
سومر ڏينهن اسحاق ڊار تاجڪستان جي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي. ان کان سواءِ هن وفدن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي دوران چين جي وزيراعظم لي چيانگ ۽ منگوليا جي پهرين ڊپٽي وزيراعظم جادمبين انخبايار سان به ملاقات ڪئي.
پاڪستان آڪٽوبر 2024ع ۾ ايس سي او جي سربراهنِ حڪومت جو اجلاس منعقد ڪيو هو. هاڻي گذريل مهيني تنظيم جي صدارت سنڀالڻ کان پوءِ پاڪستان 2027ع ۾ سربراهنِ مملڪت جي اجلاس جي ميزباني ڪندو.
30 سيپٽمبر تي اسحاق ڊار سربراهنِ مملڪت جي اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو هو. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ اجلاس لاءِ آيل ايس سي او جي قومي رابطاڪارن ساڻس ملاقات ڪئي هئي.
جولاءِ ۾ پاڪستان ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي بااختيار ادارن جي سرحدي خدمتن جي سربراهن جو 12هون اجلاس پڻ منعقد ڪيو هو.










