ڪوٽڙي: دڪان تي فائرنگ، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

ڪوٽڙي: دڪان تي فائرنگ، هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

ڪوٽڙي (ن س)خدا جي بستي واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو.فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سڄڻ چانڊيو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ ذوالفقار چانڊيو زخمي ٿي پيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب واقعو ذاتي دشمنيءَ جو لڳي رهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو