ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نوجوان واپاري مير رضا جي قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر ٽيون ڀيرو به حتمي چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، جنهن بعد وڌيڪ مهلت طلب ڪئي وئي.جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ اختيارين چالان جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي حتمي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته مير رضا قتل ڪيس بابت جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي مڪمل ٿي چڪي آهي. پوليس موجب مير رضا جو لاش جولاءِ مهيني ۾ گلستان جوهر واري علائقي مان هٿ آيو هو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس فيروزآباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.










