بجليءَ جو نئون اگهه 27.31 رپيا في يونٽ ٿيڻ جو امڪان

بجليءَ جو نئون اگهه 27.31 رپيا في يونٽ ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ پهرين جنوري 2027ع کان بجليءَ جو نئون بنيادي اگهه 27.31 رپيا في يونٽ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجليءَ جي اگهن تي ايندڙ نظرثاني لاءِ بنيادي ڪاٿي تحت بجليءَ جي مجموعي خريداريءَ جي لاڳت 3.55 کرب رپيا رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.رپورٽ موجب بجليءَ جي خريداريءَ جي قيمت 2027ع ۾ وڌي 27.309 رپيا في ڪلوواٽ ڪلاڪ، يعني في يونٽ تائين پهچي سگهي ٿي. بجليءَ جي اگهن جي نئين بنيادي لاڳت مقرر ڪرڻ واري عمل کانپوءِ صارفين لاءِ نوان ٽيرف طئي ڪيا ويندا، جن تي پهرين جنوري 2027ع کان عمل ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو