پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت درخواستگذارن کان اعتراضن بابت وضاحت طلب ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذارن کي ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ تي ڪهڙي حد تائين اعتراض آهي؟درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيل ضلعن جي حد تائين گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ درست آهي. عدالت پڇيو ته ڇا درخواست ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو ذڪر ڪيو ويو آهي؟ جيڪڏهن لاڳاپيل ڌر کان جواب طلب ڪيو وڃي ته ان لاءِ ڪهڙو بنياد هوندو؟بعد ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










