اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سرڪاري ملازمن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ڪنهن به قسم جي سياسي دٻاءَ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ پنهنجا فرض ايمانداريءَ ۽ بي خوفيءَ سان ادا ڪن. پوليس آفيسر جي ترقيءَ بابت ڪيس ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ عدالت قائداعظم جي تقرير جي روشنيءَ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ اصول واضح ڪندي چيو ته حڪومتون، وزيراعظم ۽ وزير ايندا ويندا رهندا آهن، جڏهن ته ڪنهن جي سياسي حمايت يا مخالفت ڪرڻ سرڪاري ملازمن جو ڪم ناهي. عدالت قرار ڏنو ته سياستدانن کي سرڪاري ملازمن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي مداخلت سان ڪرپشن، رشوت خوري ۽ اقرباپروري جهڙيون برايون جنم وٺن ٿيون. فيصلي ۾ سرڪاري ملازمن کي هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي ملازمت جي ساک، وقار، عزت ۽ ايمانداري برقرار رکن. عدالت واضح ڪيو ته ترقي ڪو لازمي حق ناهي، پر ضابطن موجب منصفاڻي جائزي جو حق ضرور حاصل آهي. ٽي ڀيرا ترقي ملتوي ٿيڻ سان به آفيسر کي پاڻمرادو ترقيءَ جو حق نٿو ملي. عدالت پوليس آفيسر تنوير احمد طاهر جي ترقيءَ لاءِ داخل اپيل رد ڪندي کيس ملازمت جي مدي بابت لاڳاپيل کاتي يا اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. فيصلي موجب گريڊ 20 ۾ ترقيءَ لاءِ 70 نمبر گهربل هئا، جڏهن ته تنوير طاهر 63.56 نمبر حاصل ڪيا هئا. عدالت چيو ته سينٽرل سليڪشن بورڊ جي صوابديدي اختيار ۾ مداخلت جو ڪو جواز ناهي. عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته ترقي روڪڻ لاءِ قانوني جواز ۽ معقول سبب هجڻ لازمي آهن. احتساب ريفرنس ۾ بريت کانپوءِ ترقيءَ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي بنياد جو ٻيهر جائزو وٺڻ ضروري آهي، جڏهن ته ترقيءَ جي معاملي ۾ من ماني يا امتيازي ورتاءَ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.










