ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) خطرناڪ عمارتن ۾ قائم خانگي اسڪولن خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي ،سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي خطرناڪ ۽ غير محفوظ عمارتن ۾ قائم خانگي اسڪولن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت جامع معائنو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انسپيڪشن اينڊ رجسٽريشن آف پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ کي جاري ڪيل خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته 15 ڏينهن اندر اسڪولن جو معائنو شروع ڪري خطرناڪ، جزوي طور متاثر ۽ ڍانچي جي لحاظ کان غير محفوظ عمارتن جي نشاندهي ڪئي وڃي. خط موجب 16 آڪٽوبر تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ خطرناڪ عمارتن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي حفاظت بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. هدايتن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جنهن عمارت يا ان جي ڪنهن حصي کي خطرناڪ قرار ڏنو ويو هجي، اتي تدريسي سرگرمين جي اجازت نه هوندي. کاتي هدايت ڪئي آهي ته غير محفوظ عمارتن ۾ تعليمي سرگرميون فوري طور بند ڪري شاگردن کي محفوظ متبادل هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي، جيئن سندن تعليم پڻ متاثر نه ٿئي. خانگي اسڪولن جي تنظيمن سان رابطو ڪري عمارتن جي حفاظت بابت مقرر ڪيل معيارن تي عمل ڪرائڻ لاءِ به چيو ويو آهي. خط ۾ اسڪولن جي مالڪن ۽ پرنسپالن کي شاگردن ۽ عملي جي حفاظت جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. حڪمن تي عمل نه ڪرڻ يا غفلت جي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته غير محفوظ عمارتن ۾ قائم اسڪولن جي رجسٽريشن جو جائزو وٺڻ ۽ ضرورت پوڻ تي ادارا بند ڪرڻ سميت ضابطن تحت قدم کڻڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ويون آهن. کاتي غير رجسٽرڊ تعليمي ادارن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف به قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ اسڪولن جي معائنن، غير محفوظ عمارتن، متاثر شاگردن ۽ منتقلي جي انتظامن بابت تفصيلي رپورٽ 15 ڏينهن اندر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي جان جو تحفظ کاتي جي اولين ترجيح آهي ۽ شاگردن جي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.










