اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اڄ ايران جو دورو ڪندو، جتي هو تهران ۾ ايراني اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. ايراني ميڊيا موجب دوري دوران پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفن سهڪار، اهم معاملن ۽ خطي جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. رپورٽن موجب ملاقاتن جي ايجنڊا ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين ۽ ثالثيءَ جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار تي پڻ غور ڪيو ويندو.










