پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته عدالت ۾ ثابت ڪندا ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ وارا قدم غيرآئيني آهن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته درخواستن ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ کي چئلينج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پارٽي ڪارڪنن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن سان ٿيندڙ ورتاءَ بابت پڻ عدالت کي آگاهه ڪيو ويو آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته تحريڪ انصاف هميشه دهشتگرديءَ جي مذمت ڪئي آهي، پر دهشتگرديءَ کي جواز بڻائي ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ پارٽيءَ کان عوامي مينڊيٽ کسيو ويو آهي. هن وڏي وزير جي گرفتاري خلاف هر فورم تي آواز اٿارڻ ۽ پارٽي قيادت جي آزاديءَ جو مطالبو پڻ ڪيو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا گورنر راڄ کي جمهوريت تي حملو قرار ڏيندي چيو ته صوبي ۾ حڪومت، وڏو وزير، اسيمبلي، عدالتون ۽ پوليس موجود هوندي به اهڙو قدم کنيو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته صوبائي اسيمبليءَ مان گهربل ٺهراءُ به منظور نه ڪرايو ويو. سندس چوڻ هو ته 2007ع ۾ به غيرآئيني ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هن ڀيري پي ٽي آءِ جي ترقياتي منصوبن جون تختيون به ٽوڙيون پيون وڃن. ٻئي طرف محمود اچڪزئي چيو ته سندن وزيراعظم سان ڪا ذاتي دشمني ناهي، پر چئن ڪروڙ ماڻهن جي مينڊيٽ سان مذاق ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي سيٽن کي مال غنيمت سمجهي ورهايو ويو. جيڪڏهن اهڙن قدمن خلاف آواز نه اٿاريو ويو ته تاريخ کين معاف نه ڪندي.










