نيتنياهو جي چونڊ مهم جي حمايت نه ڪندس: جي ڊي وينس

نيتنياهو جي چونڊ مهم جي حمايت نه ڪندس: جي ڊي وينس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته هو اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتنياهو جي چونڊ مهم جي حمايت نه ڪندو ۽ نه ئي اسرائيل جي چونڊن ۾ مداخلت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سندس بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران نتنياهو جي کليل حمايت جي اعلان کانپوءِ سامهون آيو آهي. هڪ پروگرام ۾ انٽرويو دوران کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو ٽرمپ جي حمايت کانپوءِ نتنياهو جي به توثيق ڪندو؟جواب ۾ جي ڊي وينس چيو ته آمريڪي صدر جي حمايت سياسي تاريخ ۾ انتهائي اثرائتي آهي، پر سندس ڌيان آمريڪي اميدوارن ۽ وچ مدي وارين چونڊن تي آهي. هن واضح ڪيو ته هو نه نتنياهو جي حمايت جي مخالفت ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي سندس حمايت ڪري رهيو آهي، پر اسرائيل جي چونڊ عمل کان پاڻ کي پري رکي رهيو آهي. واضح رهي ته صدر ٽرمپ 27 آڪٽوبر تي اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊن لاءِ نتنياهو جي مڪمل ۽ غيرمشروط حمايت جو اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو