پشاور (ويب ڊيسڪ) نيب خيبرپختونخواهه، صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ وڏي وزير جي هائوسنگ بابت خاص معاون ڊاڪٽر امجد علي سميت ٻين خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن ۽ ڪرپشن جي الزامن جي جاچ سلسلي ۾ 5 طلبِي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.نيب پاران چئن شاهدن باچا سيد، محمد عارف شاهه، سراج احمد ۽ نويد احمد کي 20 کان 22 آڪٽوبر تائين طلب ڪيو ويو آهي. اختيارين اسلام آباد جي ايٽين هائوسنگ سوسائٽي ۽ جلوزئي هائوسنگ اسڪيم ۾ ملڪيتن جي الاٽمينٽ، مالڪي ۽ ادائيگين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي اڪائونٽنٽ جنرل آفيس کان لاڳاپيل ماڻهن جي پگهارن، الائونسز، ٻين مراعتن ۽ سفري رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.نيب خبردار ڪيو آهي ته نوٽيسن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.










