صالح پٽ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ اسٽاڪ ڪندڙ 5 گدامن تي ڇاپو

صالح پٽ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ اسٽاڪ ڪندڙ 5 گدامن تي ڇاپو

سکر(امداد علي ڪلوڙ)صالح پٽ ۾ حساس ادارن جو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون،1800 کنڊ ۽ 100 ٻوريون ڪڻڪ جون هٿ ڪري ورتيون، 5 گدام سيل، گدام مالڪ فرار ٿي ويا. سکر ۾ مهانگائي ۽ عوامي شڪايتن تي ضلعي انتظاميه متحرڪ ٿي وئي، حساس ادارن پاران صالح پٽ ۾ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو ۽ 5 مختلف گدامن تي ڇاپا هنيا ويا، وڪي ڪمار جي ٻن  گدامن تي ڇاپو هڻي 1270 کنڊ جون ٻوريون، نريش ڪمار جي گدام مان 350   کنڊ جون ٻوريون، هريش ڪمار جي گدام مان 100 کنڊ  ۽ 100 ڪڻڪ جون ٻوريون، راجيش ڪمار جي گدام مان 80 کنڊ جون ٻوريون ۽ غيرملڪي سگريٽ هٿ ڪري ورتا. جڏهن ته گدام مالڪ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پنجن ئي گدامن کي سيل ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي  ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته گدام مالڪن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو