روسي پرڏيهي وزير جي ايراني هم منصب سان اهم ملاقات

روسي پرڏيهي وزير جي ايراني هم منصب سان اهم ملاقات

تهران(ويب ڊيسڪ)روس جو پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سومر ڏينهن تهران پهتو، جتي هن پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ عباس عراقچي کان علاوه ايراني پرڏيهي وزارت جا نائب وزير ۽ ترجمان پڻ موجود هئا.
ٻنهي ملڪن جي سفارتي وفدن وچ ۾ مشاورت جو عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي.
ملاقات کان پوءِ سرگئي لاوروف جي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات پڻ طئي ٿيل آهي.
روسي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ماسڪو جو مقصد هڪ ”وڏي پيماني تي جنگ“ کي روڪڻ آهي.
ايران جو چوڻ آهي ته هن ملاقات جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدن تي اڳڀرائي ڪرڻ آهي.
سرگئي لاوروف بحرين ۾ خليج تعاون ڪائونسل جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ تهران روانو ٿيو هو.
ان کان اڳ آمريڪي ميڊيا ۾ اهي خبرون به رپورٽ ٿيون ته صدر ٽرمپ ايران تي فيصلائتو حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سڀ کان طاقتور بم’مدر آف آل‘ استعمال ڪندو.
جنهن تي ايران سخت رد عمل ڏيندي چيو هو ته هو به خطي کان ٻاهر آمريڪي اثاثن تي ’مدر آف آل ميزائيل‘ سان جوابي حملو ڪندو.
روس تي خليجي ملڪ هڪ پاسي زور ڀري رهيا آهن ته هو حوثين جا سعودي تي حملا روڪڻ لاءِ ايران تي دٻاءُ وجهي ته هو ڪردار ادا ڪري.
ٻئي پاسي يوڪرين جنگ جي آمريڪا پاران حمايت ختم ڪرڻ ۽ روس تي لاڳو اقتصادي پابنديون ختم ڪرڻ واري فيصلي بعد آمريڪا چاهي ٿو ته روس ايران سان جنگ ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.
ان تناظر ۾ روسي پرڏيهي وزير جو دورو انتهائي اهم آهي.
ماسڪو جي پرڏيهي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته ايندڙ مهيني چين ۾ رٿيل ايشيا پيسفڪ اڪنامڪ ڪو آپريشن(اَي پي اِي سي) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس، آمريڪا ۽ چين جي صدرن جي ملاقات متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو