راولپنڊي: ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته سعودي عرب جي خودمختاري، علاقائي سالميت يا اسلامي مقدس هنڌن کي ڪنهن به خطري جي صورت ۾ مڪه اتحاد جي تحت اجتماعي رد عمل ڏنو ويندو.
انڊيپينڊنٽ عربيه کي خصوصي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي خودمختاري، علاقائي سالميت ۽ خاص طور تي حرمين شريفين جو تحفظ پاڪستان لاءِ اولين ترجيح آهي. حرمين شريفين جي تحفظ تي ڪوبه سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته سعودي عرب ۾ مقدس هنڌن تي حملن جي حوالي سان پاڪستاني عوام، سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. پاڪستان جو موقف چٽو ٻن لفظن ۾ آهي پاڪستان جو پيغام اسان جي سياسي قيادت ۽ فيلڊ مارشل جي ذريعي اڳ ئي سامهون اچي چڪو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته تڪرارن کي ڪنهن به سطح تي وڌڻ سان ڪنهن ملڪ کي فائدو نه ٿيندو. وچ اوڀر جي تڪرار کي وڌيڪ پکڙڻ جي ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي. ڳالهين جي ذريعي ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ضروري آهي، مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته ڳالهين واري حل ۾ ناڪامي ۽ فوجي تڪرار جي صورت ۾ مڪه اتحاد جو اجتماعي دفاعي نظام حرڪت ۾ ايندو. مڪه اتحاد جي قيادت ۽ لائحه عمل واضح آهي ته اهو اتحاد ڪنهن جي به خلاف نه آهي نه ئي انهي جو ڪو جارحانه ارادو آهي. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه پوري خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي تي يقين رکن ٿا. هن اتحاد جي اداره جاتي ڍانچي ۾ اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته انهي جي سيڪريٽريٽ جي قيام ۽ ٽنهي ملڪن جي اعليٰ اختيارين تي ٻڌل اسٽريٽجڪ سياسي، دفاعي ڪميٽي جي جوڙجڪ سميت مختلف معاملن تي ڪم اڳيان وڌي رهيو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته مڪه اتحاد ٽن باني ملڪن تائين محدود نه آهي، علاقائي استحڪام ۽ اجتماعي سلامتي جي مقصد کان اتفاق ڪندڙ ٻيا ملڪ به مستقبل ۾ انهي فريم ورڪ جو حصو بڻجي سگهن ٿا پر ٻين ملڪن جي شموليت جي باري ۾ فيصلا موجوده ميمبر ملڪن جي سياسي ۽ اسٽريٽجڪ قيادت ڪندي.
ايران سان پاڪستان جي رابطن بابت سوال تي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان ايران سان سفارتي رابطن جي ذريعي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ ڪوششون جاري رکندي. پاڪستان ۽ انهي جي علاقائي ڀائيواري تڪرارن کي جغرافيائي طور تي پکيڙجڻ ۽ فوجي محاذ آرائي ۾ اضافي کان روڪڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.
ترجمان سعودي عرب جي خودمختاري، علاقائي سالميت ۽ حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي ارادي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سعودي عرب کي ضروري تعاون فراهم ڪري رهيو آهي موجوده دفاعي ذميوارين جي تحت اهو تعاون جاري رکيو ويندو.
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سعودي عرب سان پاڪستان جو فوجي تعاون مڪه اتحاد جي قيام کان ڪيترائي ڏهاڪا اڳ شروع ٿيو هو جيڪو مستقبل ۾ به جاري رهندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو دائره ڪار صرف انهي معاهدي تائين محدود نه آهي. سعودي عرب تي حملن کان پوءِ تهران جو سڌو سنئون آگاهي ڏيڻ جي امڪان بابت سوال تي هن نه اهڙي قسم جي ڪنهن آگاهي جي تصديق ڪئي ۽ نه ئي ترديد ڪئي. هن جو چوڻ هو ته اسلام آباد جي لاڳاپيل ڌرين سان رابطن جو سلسلو ڇڪتاڻ ۾ گهٽٽائي آڻڻ آهي
يمن جي عالمي طور تي تسليم ٿيل حڪومت کي سڌو سنئون فوجي مدد فراهم ڪرڻ جي امڪان بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته مون کي خبر نه آهي ته اسلام آباد کي انهي حوالي سان ڪا باضابطه درخواست ملي آهي يا نه.










