دوحا(ويب ڊيسڪ)داخلا واري وفاقي وزير محسن نقوي سومر ڏينهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثيءَ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلام آباد ڪڏهن به پنهنجون ڪوششون نه ڇڏيون.
هن اهي ڳالهيون قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ جاري اٺين عالمي سلامتي فورم کي خطاب ڪندي ڪيون. قطر نيوز ايجنسي موجب، ”اتحادن جو مستقبل“ جي عنوان هيٺ ٿيندڙ هن فورم ۾ 100 کان وڌيڪ ملڪن جا اعليٰ عملدار ۽ اهم شخصيتون شرڪت ڪري رهيون آهن.
محسن نقوي چيو ته، ”گذريل ڪجهه مهينا اسان جي خطي لاءِ انتهائي ڏکيا رهيا آهن. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار سبب نه رڳو وچ اوڀر، پر سڄي دنيا لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا.“
هن وڌيڪ چيو ته اهڙي نازڪ وقت ۾ پاڪستان امن جو رستو اختيار ڪيو ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي.
محسن نقوي، جيڪو اسلام آباد جي امن ڪوششن ۾ شامل رهيو آهي ۽ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ايران جا ڪيترائي دورا ڪري چڪو آهي، چيو ته، ”ڪيترائي اهڙا موقعا آيا، جڏهن صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري هئي، پر اسان ڪڏهن به همت نه هاري.“
هن خاص طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ”غيرمعمولي ڪردار“ کي اجاگر ڪيو.
داخلا واري وزير ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ 18 جون تي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيڻ جو ذڪر پڻ ڪيو.
هن ٻڌايو ته ان کان پوءِ سوئٽزرلينڊ ۾ لئڪ لوسرن سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن جو اهتمام ثالثي ڪندڙ ملڪن پاڪستان ۽ قطر ڪيو هو.
محسن نقوي چيو ته، ”اتي مون هڪ اهڙي ڳالهه ڏٺي، جيڪا مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس.“
هن ٻڌايو ته قطر جي وزيراعظم محمد بن عبدالرحمان الثاني ۽ چيف آف ڊفينس فورسز عاصم منير ”بنا ڪنهن وقفي جي 16 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين“ ڪم ڪيو.
محسن نقوي چيو ته، ”نه ڪيمرا هئا، نه اعلان؛ رڳو ٻه ماڻهو هئا، جيڪي ڳالهين کي ناڪام ٿيڻ ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا.“
هن زور ڏيندي چيو ته ثالثي ڪندڙ ٻنهي ملڪن جو واحد مقصد ”وڌيڪ تڪرار کي روڪڻ“ هو.










