ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)پائيدار شهرن جي تعمير لاءِ سوئٽزرلينڊ جي اي ٽي ايڇ زيورخ يونيورسٽي جا سائنسدان ڌرتيءَ تي موجود ننڍڙن جاندارن ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن. آرڪيٽيڪٽ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪيرن انٽورويزا پائز حياتيات کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ سان ملائي ڇڏيو آهي. هوءَ زنده بيڪٽيريا، واريءَ ۽ روبوٽڪس جي مدد سان اهڙا مضبوط تعميراتي حصا تيار ڪري رهي آهي، جن جي تياريءَ ۾ فرنيس آئل کي هڪ ڀيرو به ساڙڻ جي ضرورت نٿي پوي.
هن نئين ٽيڪنالاجيءَ جو مقصد ڌرتيءَ جي ماحول کي نقصان پهچائيندڙ وڏن سببن مان هڪ کي ختم ڪرڻ آهي. سيمينٽ جي پيداوار عالمي ڪاربن اخراج جو لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو ذميوار آهي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته سيمينٽ جي تياريءَ لاءِ ضروري بنيادي شين کي انتهائي تيز گرمي پد تي وڏين بٺين ۾ پچائڻو پوي ٿو.
پر انٽورويزا پائز گرميءَ جي هن مرحلي کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان بدران هوءَ Sporosarcina pasteurii نالي مٽيءَ ۾ رهندڙ بيڪٽيريا استعمال ڪري ٿي، جيڪو هڪ قسم جي ”معدني کونئر يعني گوند“ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
انٽورويزا پائز چيو ته، ”اسان بيڪٽيريا جي مدد سان هڪ قسم جو معدنياتي چنبڙائيندڙ مادو تيار ڪريون ٿا.“
بٺن جي ضرورت ئي ناهي
بيڪٽيريا جي مدد سان ڪيل ڪيميائي عمل، جنهن کي ڪيلشيم ڪاربونيٽ جي رسوب ٺهڻ جو عمل چيو وڃي ٿو، زنده بيڪٽيريا کي واريءَ ۽ ان جي ننڍڙن ذرڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍي مضبوط تعميراتي حصن ۾ تبديل ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. ان لاءِ انتهائي تيز گرميءَ واري عمل جي ضرورت نٿي پوي.
جيتوڻيڪ اهو خيال نئون ناهي، پر ماضيءَ ۾ ماهرن مريخ تي عمارتون تعمير ڪرڻ لاءِ به هن طريقي جي استعمال تي غور ڪيو آهي.
بيڪٽيريا هڪ قدرتي اينزائم جي مدد سان يوريا کي ٽوڙي، ان آميزش ۾ ڪاربونيٽ آئن پيدا ڪن ٿا. جڏهن اهي آئن ڪيلشيم ڪلورائيڊ سان ملن ٿا ته چن جي پٿر جا انتهائي ننڍڙا ڪرسٽل ٺهن ٿا. اهي ڪرسٽل واريءَ جي ذرڙن کي مشيني طور پاڻ ۾ جڪڙي ڇڏين ٿا ۽ عام ڪمري جي گرمي پد تي ئي مواد کي مضبوط بڻائين ٿا.
انٽورويزا پائز وضاحت ڪندي چيو ته، ”اهو ڪجهه ائين آهي، جيئن ڪيڪ پچائڻ. توهان وٽ ڪيڪ جو ڪچو مواد هوندو آهي، جيڪو اڃا نرم، آسانيءَ سان شڪل وٺندڙ ۽ نازڪ هوندو آهي. ان کي مضبوط شڪل رڳو اوون ۾ پچائڻ سان ملندي آهي.“ سندس تحقيق ۾ بيڪٽيريا اوون جو ڪم ڪن ٿا.
ٽيم بايو سيمينٽ مان تعميراتي حصا تيار ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيءَ تي ٻڌل ٻه طريقا تيار ڪيا آهن.
محققن بايو سيمينٽ جي حصن لاءِ ٿري ڊي بايو پرنٽنگ جو هڪ طريقو تيار ڪيو آهي. ان ۾ پاڻي، قدرتي گوند، واريءَ ۽ زنده بيڪٽيريا مان ٺهيل هڪ خاص بايو انڪ استعمال ڪئي وڃي ٿي.
جڏهن هن آميزش کي گهربل شڪل ۾ پرنٽ ڪيو وڃي ٿو ته ان ڍانچي کي ٻن کان پنجن ڏينهن تائين معدنيات ٺاهڻ واري محلول ۾ رکيو وڃي ٿو. ضروري غذائي جزا فراهم ڪرڻ لاءِ اهو محلول هر روز نئون ڪيو وڃي ٿو.
اوون وانگر بيڪٽيريا به مواد کي مضبوط ڪن ٿا، پر اهو عمل ڪمري جي گرمي پد تي ٿئي ٿو ۽ ٻاهرين گرميءَ جي ضرورت نٿي پوي. سُڪڻ کان پوءِ اهو مواد مڪمل طور مضبوط ۽ غيرفعال معدني حصي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
مضبوط هجڻ جو چئلينج اڃا برقرار
ٻئي طريقي ۾ روبوٽڪ ٻانهن استعمال ڪئي وڃي ٿي، جيڪا مختلف سطحن تي واريءَ، بيڪٽيريا ۽ معدنيات ٺاهيندڙ مادن جون تهه در تهه يعني پرتون ڇٽيندي آهي. ان طريقي جي جوڙجڪ فطرت ۾ موجود بيڪٽيريا جي مدد سان ٺهندڙ پٿريلي ڍانچن، جهڙوڪ اسٽروميٽولائٽس، مان ورتي وئي آهي.
انٽورويزا پائز چيو ته، ”هڪ آرڪيٽيڪٽ جي حيثيت ۾ عام طور توهان کي خبر ئي نه هوندي آهي ته ڪنهن تعميراتي مواد ۾ اصل ۾ ڇا شامل آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪنهن ٻئي هنڌ تيار ڪيو ويندو آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”مان ان ڳالهه کان تمام گهڻي متاثر آهيان ته فطرت انتهائي پيچيده ۽ نفيس مواد تيار ڪرڻ جا طريقا ڳولي ورتا آهن، ۽ اسان انهن طريقن کي پنهنجي موجوده مسئلن جي حل لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا.“
هي طريقو اميد افزا آهي، پر بايو سيمينٽ اڃا تائين عمارتن جي بنيادي ڍانچي ۾ استعمال ٿيندڙ روايتي ڪنڪريٽ جي جاءِ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.
هن وقت ان جي مضبوطي مسالي جي ويجهو آهي، تنهنڪري اهو اهڙن حصن لاءِ وڌيڪ مناسب آهي، جن تي عمارت جو وزن نه پوندو هجي، مثال طور ڪمرن کي ورهائيندڙ ڀتيون يا عمارتن جي ٻاهرين منهن تي لڳندڙ پينل.
ان کان علاوه، هن ڪيميائي عمل دوران امونيم به پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ماحول کي آلودہ ڪندڙ ضمني مادو آهي. ان کي محفوظ طريقي سان صاف ڪرڻ يا ٻيهر استعمال ڪرڻ ضروري آهي.
انٽورويزا پائز وڌيڪ چيو ته، ”جيستائين اسان هن ڪيميائي ضمني مادي کي ضايع ڪرڻ يا ان جي نيڪال واري مسئلي جو حل نٿا ڳوليون، تيستائين بايو سيمينٽ سان تعمير ڪرڻ بدقسمتيءَ سان پائيدار عمل نٿو ٿي سگهي.“
خودڪار تعميراتي ٽيڪنالاجيءَ جي صلاحيت جو مظاهرو ڪندي، 2025ع ۾ وينس آرڪيٽيڪچر بينيئل نمائش دوران ڇهن مهينن تائين هڪ اهڙو ڍانچو نمائش لاءِ رکيو ويو، جيڪو سياحن جي سامهون زنده بيڪٽيريا جي مدد سان آهستي آهستي ٺهي رهيو هو.
سائنسدان اڳ ئي ثابت ڪري چڪا آهن ته بيڪٽيريا جي مدد سان تعميراتي مواد تيار ڪري سگهجي ٿو. هاڻي اصل مقابلو اهو آهي ته انهن موادن کي ايترو مضبوط ڪيئن بڻائجي، جو اهي مستقبل ۾ اسان جي شهرن جي عمارتن جو وزن برداشت ڪري سگهن.










