عورت استاد خلاف بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي جي اپيل رد

عورت استاد خلاف بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي جي اپيل رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت عورت استاد خلاف بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. وفاقي آئيني عدالت جي قائم مقام چيف جسٽس جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته عورت استاد پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ ٽن سالن تائين يونيورسٽي ۾ ڪم ڪيو، پر مقرر ڪيل مدو پورو ڪرڻ باوجود يونيورسٽي کيس تنگ ڪري رهي آهي. يونيورسٽي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عورت استاد کي حڪومت طرفان 56 لک رپين جي اسڪالرشپ ڏني وئي هئي ۽ کيس ٽن سالن تائين يونيورسٽي ۾ خدمتون انجام ڏيڻيون هيون. وڪيل موجب عورت استاد انهن ٽن سالن دوران 196 ڏينهن موڪل تي رهي. ان تي قائم مقام چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته يونيورسٽي عورت استاد جي موڪلن جون درخواستون پاڻ منظور ڪيون هيون. هن سوال ڪيو ته عورت استاد استعيفيٰ ڇو ڏني ۽ کيس اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي مقرر ڇو نه ڪيو ويو، جڏهن ته ان عهدي تي ٻاهران ماڻهو ڀرتي ڪيو ويو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته سرڪاري پئسا خرچ ڪري عورت استاد کي پي ايڇ ڊي ڪرايو ويو، پر اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي کيس مقرر ڪرڻ بدران ٻاهران ماڻهو آندو ويو. هن وڌيڪ سوال ڪيو ته يونيورسٽي عورت استاد جي منظور ٿيل موڪلن کي ڪيئن چئلينج ڪري سگهي ٿي ۽ جنهن اختيارين اهي موڪلون منظور ڪيون، انهن خلاف يونيورسٽي ڪهڙو قدم کنيو؟واضح رهي ته عدالت عورت استاد سيده ليليٰ جي حق ۾ اڳ ڏنل فيصلو برقرار رکندي يونيورسٽي جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو