ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لاءِ قرضن ۾ 33 سيڪڙو واڌ

ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لاءِ قرضن ۾ 33 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) کي قرضن جي فراهمي ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي جاري ڪيل فنانسنگ ڊيٽا موجب سال 2026ع جي ٻي ٽه ماهي دوران ايس ايم ايز کي ڏنل قرضن جو ڪاٿو وڌي 943 ارب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو وڌيڪ آهي.اسٽيٽ بئنڪ موجب ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي قرضن جي فراهمي وڌائڻ لاءِ فنانسنگ جو هدف ڏيڍ کرب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ان اڳڀرائي کي ڪاروباري شعبي جون مالي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ ننڍن توڙي وچولي درجي جي ڪاروبارن تائين قرضن جي رسائي وڌائڻ جي ڪوششن جي حوالي سان اهم قرار ڏنو پيو وڃي.رپورٽ موجب ايس ايم ايز جي قرضن جي صورتحال بهتر ٿيڻ سان گڏ سندن انفيڪشن ريشو ۾ پڻ نمايان گهٽتائي آئي آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي انگن اکرن موجب قرضن جي انفيڪشن ريشو 23 سيڪڙو مان گهٽجي 11.7 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جيڪو قرضن جي واپسيءَ جي معيار ۾ بهتريءَ جي نشاندهي ڪري ٿو.ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جا نان پرفارمنگ قرض 80 ارب کان 125 ارب رپين جي حد ۾ رهيا.ماهرن موجب ايس ايم ايز لاءِ قرضن جي فراهميءَ ۾ واڌ سان ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملڻ، سيڙپڪاري وڌڻ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن. تنهن هوندي به مقرر ڪيل فنانسنگ جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاروباري ادارن کي آسان شرطن تي قرض ۽ مالي سهولتون فراهم ڪرڻ ضروري هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو