نومبر تائين توانائي جي ضرورتن جو انتظام ڪري ورتو آهي

نومبر تائين توانائي جي ضرورتن جو انتظام ڪري ورتو آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ايران جنگ سبب توانائي جي وڌندڙ عالمي قيمتن جي شروعاتي اثرن کان پاڪستان هينئر تائين منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي پر عرب ملڪن ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي تي حملا ملڪي معيشت جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن.فرانسيسي خبرون ڏيندڙ اداري کي انٽرويو ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ نه تيل جي کوٽ پيدا ٿي، نه پيٽرول پمپ تي قطارون لڳيون ۽ نه ئي امن امان جي اهڙي صورتحال پيدا ٿي جيئن ٻين ملڪن ۾ ڏٺي وئي هن چيو ته پاڪستان نومبر تائين لاءِ توانائي جي ضرورتن جو انتظام ڪري ورتو آهي هاڻ سياري جي مهينن لاءِ منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي. حڪومت جي اصلاحاتي ايجنڊا کي صنعتون، ڪجهه گروپن ۽ مفاداتي حلقن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.هن چيو ته فوج جن واپاري ادارن کي هلائي رهي آهي اهي منافعي بخش آهن، اسان سرڪاري خزاني مان انهن کي ڪنهن به قسم جا فنڊز نه ڏئي رهيا آهيون. ناڻي واري وزير سان بئنڪاڪ ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي ساليانه اجلاسن جي موقعي تي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا لاءِ ڊائريڪٽر آءِ ايم ايف جهاد ازور، يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل اليگزينڊر ڊي ڪرو، عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي جي پي مورگن، شارجه اسلامڪ بينڪ، ابوظهبي ڪمرشل بينڪ ۽ عجمان بينڪ جي وفد سميت ٻين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن.آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر سان ٿيل ملاقات ۾ معاشي ڪارڪردگي ۽ اصلاحات تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي محصولات، مهانگائي، معاشي نمو ۽ جاري کاتي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو