ڄامشورو:(ن س) ڄامشورو ۾ گذريل رات دير سان سنڌ يونيورسٽي سامهون انڊس هاءِ وي تي افسوسناڪ روڊ حادثو پيش آيو هو، جتي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ رڪشا سوار 20 ورهين جي ناري موقعي تي ئي فوت ٿي وئي. پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي وئي، لاش کي فوري طور تي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، جتي فوتي ناري جي سڃاڻپ ڄامشورو شھر جي سيد آباد ڪالوني جي رهواسڻ مھڪ ڌي امير علي ملاح طور ٿي جنهن جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ناري رات دير سان سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ قائم چائي جي پي ٽي ڪيفي ۾ دوستن سان گڏ ماني کائڻ ۽ شاگردن جي پروگرام ۾ شرڪت کانپوءِ رڪشا ۾ سوار ٿي پنهنجي گهر سيد آباد وڃي رهي هئي ته مين روڊ تي تيز رفتار ٽرالر رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ موقعي تي ئي فوت ٿي وئي.ٻئي طرف پوليس حادثي وقت رڪشا ۾ سوار نوجوان احمد جمالي کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس ذريعن موجب نوجوان حادثي کانپوءِ موقعي تان فرار ٿي ويو هو. پوليس رڪشا ڊرائيور علي رضا چانڊيو کي به حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. فوتي ناري جي پيءُ امير علي ملاح ۽ سندس گهرڀاتين ناري جي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي سندس خون سان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. سندس گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته اسان جي معصوم نياڻي کي رات جو احمد جمالي ۽ علي رضا چانڊيو ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت لاءِ وٺي ويا هئا، خبر ناهي ته رات دير تائين اتي ڇا ٿيندو رهيو، بعد ۾ ٻڌايو ويو ته رڪشا ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي آهي ۽ سندس ڇيڀاٽيل لاش مليو آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪيس ۾ گهربل ماڻهن کي گرفتار ڪري شفاف جاچ ڪري اصل حقيقتن تائين پهچي انصاف ڪيو وڃي.ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن زاهد جهتيال ٻڌايو ته پهرين اسان کي بغير سڃاڻپ جي لاش مليو هو، هاڻي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، پوسٽ مارٽم ڪرائي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. سيد آباد ڪالوني جي رهواسين موجب فوتي ناري ٽڪ ٽاڪر هئي سندس والد پورهيت آهي جيڪو خانگي طور تي بجلي جو ڪم ڪندو آهي.ٻئي پاسي افواهه آهن ته سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ موجود ڪيفي تي نجي تقريب دوران شاگردن وچ ۾ جهيڙي ۽ پوليس پهچڻ تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڀاڄ پئجي وئي هئي. جنهن دوران ناري ۽ سندس هڪ ساٿي رڪشا ۾ سوار ٿي سيد آباد ڪالوني طرف وڃي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.










