عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان برقرار آهي. آبنائي هرمز ۾ سامونڊي جهازن ۽ تيل بردار ٽينڪرن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿي ويو. رپورٽن موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت وڌي 109 ڊالر 90 سينٽ في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ 101 ڊالر 40 سينٽ في بيرل تي پهچي ويو. گڏيل عرب امارتن جي مربن خام تيل جي قيمت پڻ وڌي 113 ڊالر 40 سينٽ ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو