شيخ ڀرڪيو )مظفر علي بروهي) پ پ شهيد ڀٽو لائيرز فورم ڊسٽرڪٽ بارڪائونسل حيدرآباد جي چيف آرگنائيزر ۽ اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي ايم اين اي سيد نويد قمر سان پ پ شهيد ڀٽو جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهندڙ نالي واري قانوندان ايڊو ڪيٽ جي ايم لغاي وفد جي صورت ۾ المرتضي هائوس لاڙڪاڻي ۾ شهيد مير مرتضي ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ايڊو ڪيٽ جي ايم لغاري فاطمه ڀٽو کي ٽنڊو محمد خان ضلع جي سياسي صورتحال ۽ تنظيم سازي کان آگاه ڪندي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪندي چيو ته جلد ٽنڊو محمد خان جو دورو ڪنديس . هن چيو ته زرداري ليگ ملڪ کي تباه ڪري ڇڏيو آهي هنن جي ڪرپش ۽ ڦرلٽ سبب ملڪ ڪنگال ٿي چڪو آهي ۽ عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آھي اسپتالن جي حالت اها آهي جو ڪتي جي چڪ کان بچاءَ جي ويڪسئين نه آهي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ سبب ماڻھو تڙپي تڙپي مري رهيا آهن سنڌ ۾ هزارين اسڪول سالن کان بند پيل آهن . هنن شهيد ڀٽي جي نالي تي ووٽ وٺي عوام سان ويساه گهاتيون ڪيون آهن ۽ عوام جا حق هڙپ ڪري بي مثال ڪرپشن ڪئي آهي.










