مٺي: وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

مٺي: وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

مٺي: (ن س) گهريلو معاملي تان ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ وڏي ڀاءُ مبينا طور ننڍي ڀاءُ تي حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيوٿرپارڪر جي تعلقي مٺي جي ڳوٺ ڀڪوا ۾ گهريلو معاملي تي پمن ميگهواڙ کي سندس سڳي ڀاءُ امرت ميگهواڙ حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ڳوٺاڻن موجب ٻنهي ڀائرن ۾ گهريلو معاملي تان جهيڙو ٿيو، جنهن دوران ڪاوڙ ۾ اچي امرت ميگهواڙ پنهنجي سڳي ڀاءُ پمن ميگهواڙ تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي مٺي اسپتال آندو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرايو. پوليس موجب واقعي کان پوءِ جوابدار گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو