ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) اختيارين موجب، اڻڄاتل هٿياربندن مستونگ ضلعي ۾ ڪوئيٽا-ڪراچي شاهراهه تي مسافر وين ۾ سفر ڪندڙ پوليس جي 20 تربيت هيٺ اهلڪارن کي اغوا ڪري ورتو. اهي اهلڪار قلات پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪري رهيا هئا.
بلوچستان حڪومت جي هڪ سينيئر عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڊان اخبار کي اغوا جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اهلڪار هفتي جي موڪل تي پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن سندن وين کي روڪي ورتو.
عهديدار چيو ته، ”ها، هفتي جي موڪل تي گهر ويندڙ پوليس جا 20 اهلڪار مستونگ ۾ ڪوئيٽا-ڪراچي شاهراهه تي مسافر وين ۾ سفر ڪري رهيا هئا، جڏهن هٿياربندن کين اغوا ڪري ورتو.“
هن ٻڌايو ته موٽر سائيڪلن تي سوار ۽ خودڪار هٿيارن سان ليس هٿياربندن جي هڪ ٽولي وين کي روڪي اهلڪارن کي گاڏيءَ سميت ڪنهن اڻڄاتل هنڌ ڏانهن کڻي ويا. تنهن هوندي به هٿياربندن وين جي ڊرائيور ۽ ان ۾ سوار ٽن ٻين مسافرن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
مستونگ ۾ پوليس اختيارين به اغوا جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اغوا ٿيل اهلڪار ليويز فورس سان تعلق رکندا هئا، جنهن کي بعد ۾ پوليس ۾ ضم ڪيو ويو هو.
سرڪاري عملدارن موجب، اغوا ٿيل اهلڪار رخشان ڊويزن سان تعلق رکن ٿا.
سيڪيورٽي فورسز اغوا ٿيل اهلڪارن جي ڳولا لاءِ ڀرپاسي جي جبلن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر هينئر تائين سندن موجودگيءَ بابت ڪا به ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي.
ڪنهن به تنظيم اڃا تائين اغوا جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.
هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان جي ضلعي خاران مان رخشان ڊويزن جي ڪمشنر اسد الله ڪاڪڙ کي به اغوا ڪيو ويو هو.
هڪ ٻئي واقعي ۾ خاران جي ڊپٽي ڪمشنر منير احمد سومري کي لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين قيد ۾ رکڻ کان پوءِ 3 آڪٽوبر تي بازياب ڪرايو ويو هو. کيس گذريل مهيني نوشڪي-خاران شاهراهه تان اغوا ڪيو ويو هو. مقامي قبائلي اڳواڻن ۽ اغوا ڪندڙ هٿياربندن وچ ۾ ڳالهين کان پوءِ کيس صحيح سلامت آزاد ڪيو ويو.
21 جولاءِ تي به بلوچستان جي ضلعي چاغيءَ ۾ هڪ چيڪ پوسٽ تي حملي کان پوءِ ايڪسائيز کاتي جي ٽن اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو هو.










