پروفيسرن جي رٽائرمينٽ جي عمر 65 سال مقرر ڪرڻ جو فيصلو

پروفيسرن جي رٽائرمينٽ جي عمر 65 سال مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي يونيورسٽين جي پروفيسرز جي رٽائرمينٽ جي عمر 65 سال مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.صوبي جي 32 سرڪاري يونيورسٽين جي وائس چانسلرز جي اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ يونيورسٽين کي وڌيڪ گرانٽ ان ايڊ فراهم ڪندي آهي، صوبي جي يونيورسٽين کي 44 ارب 460 ملين روپين جي گرانٽ ڏني پئي وڃي.هن چيو ته نوان ڪيمپسز قائم ڪرڻ لاءِ جامع پاليسي ۽ واضح معيار واضح ڪيا وڃن ته جيئن تعليمي ۽ مالي ضرورتن کي آڏو رکندي فيصلا ڪري سگهجن.سنڌ جي چيف سيڪريٽري جو چوڻ هو ته يونيورسٽي پروفيسرز جي رٽائرمينٽ جي عمر 60 کان وڌائي 65 سال ڪرڻ جي سمري صوبائي ڪابينه ڏانهن اماڻي ويندي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته وائس چانسلرز ڄاڻ واري حق جي قانون جي حوالي سان به پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي. ڪجهه وقتن تي اهڙي ڄاڻ طلب ڪئي ويندي آهي جنهن جو عوامي مفاد سان سڌو سنئون ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. آصف حيدر شاهه چيو ته يونيورسٽي جي لاءِ پينشن جي واجبات هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪا آهن. مالي بار گهٽ ڪرڻ جي لا ءِ غير ضروري ڀرتين، خاص طور تي غير تدريسي شعبن ۾ ڀرتين کي روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو