ڪراچي: قلندريه چوڪ ويجهو پوليس مقابلو، 2 مبينا ڦورو مارجي ويا

ڪراچي: قلندريه چوڪ ويجهو پوليس مقابلو، 2 مبينا ڦورو مارجي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر جي قلندريه چوڪ ويجهو شاهراهه نورجهان تي پوليس مقابلي دوران 2 مبينا ڦورو مارجي ويا. ايس ايس پي سينٽرل ڪراچي ڊاڪٽر عمران خان موجب، قلندريه چوڪ ويجهو شاهراهه نورجهان تي پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿيو. ڊاڪٽر عمران خان ٻڌايو ته مارجي ويل جوابدار شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا. هڪ شهري جي نشاندهي تي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي هنن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني.ايس ايس پي سينٽرل موجب، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان 2 پستول، 5 موبائل فون ۽ سي ڊي 125 موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ هٿ آيل موبائل فونن توڙي موٽرسائيڪل جي جاچ پڙتال جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو