اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ سندس وڪيل راجا ظهور عدالت کي آگاهه ڪيو آهي ته علي امين گنڊاپور اڳ ئي گرفتار ٿي چڪو آهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حاڪم خان بکر ڪئي، جنهن ۾ علي امين گنڊاپور پاران وڪيل راجا ظهور پيش ٿيو، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد شريڪ جوابدار فاروق به عدالت ۾ حاضر ٿيو. ٻڌڻي دوران وڪيل راجا ظهور چيو ته علي امين گنڊاپور کي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻو هو، پر هو اڳ ئي گرفتار ٿي چڪو آهي. هن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن عدالت اڄ ٻيهر گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ٿي ته ان جو ڪو فائدو نه ٿيندو. علي امين گنڊاپور جي عدالت ۾ غيرموجودگيءَ سبب شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته علي امين گنڊاپور خلاف آڊيو ليڪ واري معاملي تي اسلام آباد جي گولڙا ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.










