اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتيوار منفي رجحان رهيو

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هفتيوار منفي رجحان رهيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران منفي رجحان رهيو، جنهن سبب 100 انڊيڪس 669 پوائنٽون گهٽجي 166419 پوائنٽن تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار رپورٽ موجب، ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 2927 پوائنٽن جي حد اندر لاٿ چاڙهه جو شڪار رهيو. هفتي دوران انڊيڪس جي بلند ترين سطح 166988 پوائنٽون، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ سطح 164060 پوائنٽون رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب، هڪ هفتي دوران شيئرز مارڪيٽ ۾ 2 ارب 15 ڪروڙ شيئرن جا سودا 89 ارب رپين ۾ طئي ٿيا. ٻئي طرف، مارڪيٽ جي مجموعي سرمائي ۾ 89 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ اها گهٽجي 18 هزار 479 ارب رپيا رهجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو