نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پوليس احتجاجي مارچ کان اڳ ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) جي باني اڳواڻ اڀيجيت ديپڪي کي امن امان جي امڪاني صورتحال سبب حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته آل انڊيا اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن (اي آءِ ايس اي) جي سربراهه نيها بورا کي اڄ صبح آزاد ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب، پوليس اڀيجيت ديپڪي خلاف ڀارتي شهري تحفظ قانون جي مختلف شقن تحت ڪارروائي ڪئي آهي. کيس بعد ۾ خصوصي انتظامي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪاڪروچ جنتا پارٽيءَ جي قانوني معاملن واري سربراهه رتنا سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته اڀيجيت ديپڪي کي اڻڄاتل هنڌ تي رکيو ويو آهي ۽ وڪيلن کي به ساڻس ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.ٻئي طرف، اي آءِ ايس اي جي سربراهه نيها بورا کي آزاد ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب، آزاديءَ کانپوءِ نيها بورا چيو ته پوليس مظاهرين کي بنا ڪنهن جائز سبب جي حراست ۾ وٺي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿاڻن ۾ ويهاري ٿي، جنهن جو مقصد عام شهرين ۾ خوف پيدا ڪرڻ آهي.هن اڀيجيت ديپڪي سميت سمورن گرفتار مظاهرين جي فوري آزاديءَ جو مطالبو ڪندي چيو ته شهري رڳو جوابدهي ۽ ووٽ جي حق جو مطالبو ڪري رهيا آهن.واضح رهي ته گذريل جمعي تي دهليءَ جي ڪناٽ پليس واري علائقي ۾ ’لهرادو ترنگا‘ احتجاجي مارچ کان اڳ پوليس ٻنهي اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو هو. ان کانپوءِ ٻنهي تنظيمن پنهنجن اڳواڻن تائين رسائي نه ملڻ ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.ڪاڪروچ جنتا پارٽي، مخالف ڌر جي جماعتن، شاگرد تنظيمن ۽ سول سوسائٽيءَ جي گروپن ڀارت جي چيف اليڪشن ڪمشنر گيانش ڪمار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.مظاهرين جو الزام آهي ته چونڊ فهرستن ۽ اليڪشن ڪميشن پاران ووٽرن جي خاص جاچ واري عمل ۾ بي ضابطگيون ڪيون ويون آهن.










